اسماعيل شاهه بخاري

اسماعيل شاهه بخاري: ڏهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي بزرگ، ڏاها ۽ عالم ٿي گذريا آهن. انهن ۾ اسماعيل شاهه بخاري به هڪ هو. هيءُ بزرگ سنڌ جي معروف بزرگ ۽ عالم مخدوم نوح سرور جي خليفن مان هو، ڪڪرالي ۾ پيدا ٿيو، ڪامل شخصيت جو مالڪ هو. ڪيتريون ئي روايتون ساڻس منسلڪ آهن. بزرگيءَ ۽ شخصي حوالي سان يارهين صديءَ ۾ سندس وڏي هاڪ هئي. هو، ”سنڌي ڪامل“ جي حوالي سان هرهنڌ مشهور هو.


لفظ اسماعيل شاهه بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو